وڌيڪ تعلقي تنگواڻي جي سينيئر سوشل آرگنائيزر نظير احمد سومرو،سينيئر انجنيئر عبدالقدير ڏاھاڻي، ۽ فيلڊ انجنيئر رفيق احمد نوناري ٻڌايو ته تعلقي تنگواڻي ۾ به ٻوڏ متاثرين جي گھرن جي ٺھڻ جو سلسلو ھلندڙ آھي ۽ تنگواني تعلقي جي مختلف يوسين جي مختلف ڳوٺن مجنو خان ڀھلاڻي ڳوٺ بادل خان ڳوٺ علي بخش خان ڳوٺ گاھي خان ڳوٺ اشرف علي خان بجاراڻي ڳوٺ الف خان بجاراڻي ڳوٺ ارصلاح خان بجاراڻي ڳوٺ خان محمد ڳوٺ مجھاد آباد ڳوٺ شاھ علي خان سميت مختلف ڳوٺن جي متاثر ماڻھن جي گھرن جي تعمير لاء پھرين قسط جي اچڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ تمام جلد پوري تعلقي ۾ گھر ٺھڻ شروع ٿي ويا آهن