نيو ڪراچي جي علائقي ۾ ڦورن سيڪيورٽي گارڊ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ 10 لک روپين کان وڌيڪ ڦر جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس موجب سيڪٽر اليون ڊي 5 نمبر فيض عطار مسجد ويجهو نجي بينڪ جي ٻاهران ڦورن جي فائرنگ سبب هڪ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو جنهن جي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪئي وئي، جتي مقتول جي سڃاڻپ 28 ورهين جي عمر زمان ولد سيد وزير جي نالي سان ڪئي وئي مقتول ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي علائقي سائيٽ ايريا جو رهواسي ۽ نجي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ بطور گارڊ نوڪري ڪرڻ هو. ڪمپني طرفان پولٽري فارمن مان شهر ۾ ڪڪڙيون سپلاءِ ڪندڙن وٽ رقم جي ريڪوري ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو واقعي وقت مقتول عمر زمان شهر جي ٻين دڪانن تان رقم جي ريڪوري ڪندي هاءِ روف ۾ سوار ٿي مرغي جي دڪان تان رقم وٺي ريڪوري جي لاءِ آيو هو. ان دوران 2 موٽر سائيڪلن تي سوار 4 ڦورو آيا ۽ انهن رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي عمر زمان مزاحمت ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري سيڪيورٽي گارڊ کي زخمي ڪيو ۽ رقم سان ڀريل ٿيلها کڻي فرار ٿي ويا. جنهن کان پوءِ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته سفر دوران زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو پوليس طرفان شروع ڪيل شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته جوابدارن 10 لک روپين کان وڌيڪ جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. وڌيڪ تفصيل جاچ کان پوءِ سامهون ايندا.