اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مون هميشه گيٽ نمبر 4 جو ساٿ ڏنو پر مون کي نظر لڳي وئي راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته چلي دوران منهنجي خلاف اهڙن شهرن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا جتي مان ڪڏهن ويو ئي نه آهيان. چلي جا اثر اڃان به آهن، ختم نه ٿي سگهيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مخالف سياسي مهم هلائيندا رهندا آهن. ڪوبه فرق نٿو پوي، شڪست ان کي ملندي آهي جيڪو هار مڃيندو آهي مون کي الله کان مدد جي اميد آهي هن چيو ته ماڻهو پڇن ٿا ته اوهان سياست ڇو نٿا ڪريو؟ جنهن ڏينهن چونڊن جو شيڊول ايندو ان ڏينهن اسان ئي سياست ڪنداسين. هن وقت ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پئي اچي ته ملڪ جي سياست ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي. فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. عوام سياستدانن کان وڌيڪ سمجهدار آهي شيخ رشيد چيو ته 21 آڪٽوبر تي نوازشريف واپس آيو ۽ 22 آڪٽوبر تي مان چلو ڪٽي واپس پهتس مون هميشه گيٽ نمبر 4 جو ساٿ ڏنو پر مون کي نظر لڳي وئي نوازشريف کي ڪڏهن نظر لڳندي ان جو مان انتظار ڪندس.