سپريم ڪورٽ 9 مرله زمين تي مالڪ کي معاوضي ڏيڻ کان سواءِ روڊ ٺاهڻ تي پنجاب حڪومت مٿان 10 لک روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي عدالت ڏنڊ جي رقم به زمين جي مالڪ کي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي پنجاب جي حڪومت کي 30 ڏينهن جي اندر زمين جي موجوده قيمت موجب رقم ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب بليغ الزمان تي فضول ڪيس داخل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪار ڪنهن جي زمين تي بنا اجازت ۽ معاوضو ڏيڻ جي روڊ ڪيئن ٺاهيو؟ درخواستگذار سرڪار کي زمين گفٽ نه ڪئي آهي ۽ نه ئي سرڪار قانون موجب زمين حاصل ڪئي. اهڙن فضول ڪيسن جي درخواست اوهان سپريم ڪورٽ ۾ ڇو داخل ڪئي چيف جسٽس چيو ته اسان جو ڪم هاڻ اهو رهجي ويو آهي ته اسان ايڊووڪيٽ جنرلز کي آئين پڙهائيندا رهو. ڇو نه اهڙي فضول ڪيس داخل ڪرڻ تي اوهان جي مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي ڊيوٽي ڪهڙي آهي؟ اوهان ڪيئن اهڙي طرح جي فضول درخواست داخل ڪئي. حقيقي ڪيس سائيڊ لائين ڪري فضول ۽ غلط ڪيس فائل ڪيا ويندا آهن جنهن سان عوامي وسيلن سان گڏ عدالت جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي عدالت پنجاب حڪومت جي اپيل رد ڪندي زمين جي مالڪ کي معاوضي جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته ايپيليٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ زمين جي مالڪ جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو جنهن کي سپريم ڪورٽ برقرار رکيو. پنجاب حڪومت گوجرانوالا ۾ لياقت علي نالي شهري جي زمين تي 2007 ۾ روڊ ٺاهيو هو.