سکر: ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي تحريڪ ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي وئي ڊاڪٽرن طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي وائي ڊي اي جي اڳواڻن ڊاڪٽر ساجد خادم شر , ڊاڪٽر يونس سولنگي , ڊاڪٽر عبدالعليم کوسو , ڊاڪٽر جيئل شاه , ڊاڪٽر شاه محمد مهر ۽ ٻين مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر سول اسپتال سکر ۾ 24 ڪلاڪ نوڪريون ڪري ايندڙ مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن جن کي پنهنجي بنيادي حق پگهارن کان محروم رکيو ويو آهي هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري گذر سفر ڏکيو بڻجي ويو آهي جنهن خلاف مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون هنن ڇيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ پگهارن جو بند ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيستائين اسان جو جائز مسئلو حل نه ٿيندو تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو