ڪوئٽه : قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر علي وزير ٻيهر گرفتار

ڊيرا اسماعيل خان پوليس قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر علي وزير کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر علي وزير کي ڪوئٽه کان ايندي دره زنده ويجهو گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس موجب علي وزير مٿان ادارن جي خلاف تقريرون ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي تحت ڪيس داخل ٿيل آهن ياد رهي ته قومي اسيمبيلي جي اڳوڻي ميمبر علي وزير کي 20 سيپٽمبر 2023 تي ضمانت تي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو. سندس خلاف اسلام آباد جي مختلف پوليس اسٽيشنن ۾ ڪيس داخل ٿيل هئا