اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت کي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم ڏيندي سمورو رڪارڊ 2 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينه سائفر ڪيس جي جيل ٽرائل جي منظوري ڏني. عدالت چيو ته اهو نوٽيفڪيشن اسان ڏسنداسين ته ان ۾ ڇا لکيل آهي؟ جيل ٽرائل ٿيندو ته اهو غير معمولي ٽرائل هوندو. اٽارني جنرل چيو ته اهو غير معمولي ٽرائل نه صرف جيل ٽرائيل آهي جسٽس ميان گل حسن چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اهڙيون ڪهڙيون حالتون هيون آهن جو اهو ٽرائيل هن وقت هلايو پيو وڃي. جڏهن ته جيل ٽرائيل جا 3 نوٽيفڪيشن هاءِ ڪورٽ جي لاڳاپيل رولز جي موجب نه آهن. اٽارني جنرل چيو ته مان سمورن لاڳاپيل ادارن کان رڪارڊ کڻي عدالت جي سامهون رکندس پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته پنج گواهه هن وقت به جيل ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ موجود آهن جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته تمام گهڻا سوال آهن جن جا جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ڪابينه 2 ڏينهن اڳ جيل ٽرائيل جي منظوري ڏني. ان جا ڪهڙا سبب هئا؟ سڀني کان اهم سوال اهو آهي ته منظوري کان اڳ ٿيندڙ عدالتي ڪارروائي جو اسٽيٽس ڇا هوندو؟ رڪارڊ موجب آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري ايگزيڪٽو ڪئي. چيف جسٽس کان راءِ ورتي وئي پر اهو پراسيس ايگزيڪٽو شروع ۽ مڪمل ڪيو جيل ٽرائيل جي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي وڌيڪ ٻڌڻي 16 نومبر تي ٿيندي. عدالت جيل ٽرائيل جي سببن تي ٻڌل سمورو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو جڏهن ته حڪم امتناع نه ڏيڻ جي اٽارني جنرل جي استدعا به رد ڪري ڇڏي.