ڪراچي، ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرن مٿان لٺبازي، واٽر ڪينن جي استعمال ۽ گرفتارين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج جاري آهي. حيدرآباد ۾ مظاهرين گورنمنٽ اسپتال پريٽ آباد جي سامهون ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڇڏيو نوابشاهه جي اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايمرجنسي سروس جاري آهي سکر سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي هڙتال جاري آهي سول اسپتال ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن لاڙڪاڻو ۾ پيرا ميڊيڪل جي هڙتال سبب مريض خانگي اسپتال يا ڪلينڪ تي وڃڻ لاءِ مجبور آهي. ٺٽو جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو احتجاجي مظاهرو جاري آهي. مظاهرين طرفان گرفتاري ملازمن جي فوري طور تي آزادي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ميرپورخاص ۾ هيلٿ گرينڊ الائسن طرفان ڪراچي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض رُلي ويا جيڪي عملي ۽ ڊاڪٽرن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهيا. خيرپور ناٿن شاهه ۾ تعلقه اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته ٻوڏ دوران به اسان جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي، هاڻ وري رسڪ الائونس بند ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر اسان سان سنڌ حڪومت وڏي ناانصافي ڪئي آهي ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران سول اسپتال آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدر ٿي ويا. ڪشمور ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي تعلقه اسپتال ڪشمور کان شروع ٿي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. مظاهرين طرفان پوليس طرفان ڪراچي ۾ ملازمن مٿان تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته صحت کاتي جي پرامن مظاهرين، مردن ۽ عورتن مٿان لاٺي چارج، تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿاگرينڊ هيلٿ الائونس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گرفتار اڳواڻن جي آزادي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. هيلٿ رسڪ الائونس جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ڌرڻو جاري رهندو. سموري سنڌ جي اسپتالن ۾ اڄ به او پي ڊي سروس معطل آهي
