ڪراچي،ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

ڪراچي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڳ ئي دير جو شڪار مڪاني چونڊون روڪڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن کان اڳ قانوني پيچيدگين جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. اسان کي به ڌر بڻائي ٻڌو وڃي درخواست ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب قانون سازي کان سواءِ مڪاني ادارا بااختيار نٿا ٿي سگهن. مڪاني قانون ۾ ترميم تائين مڪاني چونڊون نه ڪرايون وڃن ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان جو موقف به ٻڌو وڃي ياد رهي ته مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف درخواست داخل ڪري رکيون آهن. جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان جواب طلب ڪري رکيو آهي

پنھنجي راءِ لکو