ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنڌڪوٽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گامڻ خان جکراڻي هن جديد دور ۾ به سهولتن کان محروم

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنڌڪوٽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گامڻ خان جکراڻي هن جديد دور ۾ به سهولتن کان محروم بڻيل عمارت زبون حالي جو شڪار,نه واش روم,نه فرنيچر جي سهولت آھي، اسڪول ۾ اڪثر وقت گڏھ ٻڌل نظر ايندا آهن، ٻارڙا ۽ ٻارڙيون پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن ۽ ڪتابن جي کوٽ پڻ آھي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن ڪامريڊ مهڪ سنڌو فرمان جکراڻي، ڪرپٽ ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري گلشير سومرو جي خلاف تعليم کاتو سنڌ، نگران وزير آعلي سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ امير افضل اويسي کي هن تعليمي نظام جي تباهيءَ جو ذميوار ڪرپٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري گلشير سومرو کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي