ٺڪراٺو : پني عاقل ۾ ٻوڏ سبب تباھ ٿيل گھرن وارو منصوبو رولڙي جو شڪار 2700 گھرن مان رڳو ھيڪُڙ ٻيڪُڙ متاثرن کي پھرين قسط جاري ٿي سگھي وڏي آبادي واري شھر ٺڪراٺو ۾ ٻوڏ متاثرن کي قسط جاري نه ٿي متاثر سخت سيءُ ۾ کليل آسمان ھيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرن پاران نگران سرڪار کان فوري طور تي گھرن جون قسطون جاري ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ضلعي سکر جي وڏي آبادي واري تعلقي پني عاقل ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڏيڍ سال گذرڻ باوجود قسطون جاري نه ٿي سگھيون آھن تعلقي پني عاقل ۾ ٻوڏ سبب ھزارين خاندان گھر ڊھي وڃڻ سبب بي گھر ٿي ويا آھن پر سنڌ سرڪار متاثرن کي اجھا ٺاھي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي خبر موجب پني عاقل تعلقي ۾ ٻوڏ سبب تباھ ٿيل گھرن وارو منصوبو ڏيڍ سال گذري وڃڻ باوجود رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي اندازن 2700 گھر ٻوڏ سبب تباھ ٿي ويا ھئا پر سموري تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ھيڪُڙ ٻيڪُڙ متاثرن کي پھرين قسط جاري ٿي سگھي آھي جڏھن ته وڏي آبادي واري شھر ٺڪراٺو ۾ ٻوڏ متاثرن کي قسط جاري نه ٿي آھي جنھن سبب ٺڪراٺو شھر سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ متاثر سخت سيءُ ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويٺل آھن جيڪي قسط جي اچڻ جا منتظر آھن تن جي مايوسي وڌي رھي آھي ڄاڻ موجب تعلقي پني عاقل جي ٻن وڏين ۽ پوئتي پيل يوسين يونين ڪائونسل مبارڪپور ۽ يونين ڪائونسل روپھر جي سوين ڳوٺن ٺڪراٺو مبارڪپور روپھر ڳاڙھو دڙو ڀائي خان مھر بشيرآباد منگي شاھ محمد ڀٽي موچي دڙو سرنوارو عقل مھر ٿمي گھٽي ٻاتي چوڪ ڦيسڙ اڌ لکو گاگنائو يوسف سمون سميت ٻين ڳوٺن ۾ متاثرن کي سرڪار پاران اڃا تائين ھڪ به قسط جاري نه ڪئي وئي آھي ٻوڏ متاثرن عبدالرشيد ڀٽي پير بخش سومرو نظير احمد مھر محمد موسا مھر فيض محمد عبدالرحمان مھر ولي محمد آصف علي مھتم بھادر سومرو الھڏوايو مھتم حفيظ علي ڪوڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سرڪار پاران سروي بعد نالا لسٽن ۾ آيا ھئا ۽ بينڪ اڪائونٽ ٺھرائي اين جي اوز جي آفيس ۾ جمع ڪرايا ھئا ان کي تقريبن ڏيڍ سال گذري ويو آھي پر ان باوجود ھڪ به قسط جاري نه ٿي آھي ٻوڏ متاثرن چيو ته ھاڻ سخت سيءُ اچي ويو آھي ۽ اسان پنھنجن ٻارڙن سان گڏ کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھيون ٻوڏ متاثرن سنڌ سرڪار سميت ضلعي انتظاميا ۽ اين جي اوز اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنادير گھرن جون قسطون جاري ڪيون وڃن ته جيئن ڊٿل اجھا ٻيھر تعمير ڪرائي درپيش پريشانين کان بچي سگھون.