بشريٰ بي بي جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي عدم اعتماد جو اظهار، ڪيسز منتقل ڪرڻ جي استدعا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اڪيلائپ ۾ ملاقات جي درخواست ڪنهن ٻئي بينچ ۾ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي بشريٰ بي بي جي وڪيل چيو ته اسان جا جيترا به ڪيسز اوهان وٽ مقرر ٿيا انهن ۾ هڪ جهڙا فيصلا اچي رهيا آهن. استدعا آهي ته اسان جا جيترا به ڪيسز هن بينچ ۾ آهن انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اوهان نامناسب ڳالهه ڪري رهيا آهيو ائين نه ڪريو، ٺيڪ آهي ان کي به ڏسي ٿا وٺون. ائين نه آهي جيئن اوهان سمجهي رهيا آهيو، جيڪي به فيصلا آهن انهن کي اوهان چيلينج ڪري سگهون ٿا، ڪجهه اوهان چيلينج به ڪيا آهن. عدالت جي سامهون بينچ تي اعتراض جو ڪوبه سبب نه ٻڌايو ويو آهي جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي استدعا تي بار ڪونسلز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ بار ڪونسلز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.