اسرائيلي فوج جو غزه ۾ مسجد تي حملو، 50 نمازي شهيد، ڪيترائي زخمي

اسرائيلي فوج غزه ۾ مسجد تي حملو ڪري 50 نمازين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جهازن غزه جي علائقي سبرا ۾ مسجد تي ان وقت بمباري ڪئي جڏهن مسجد ۾ نماز ادا ڪئي پئي وئي ۽ مسجد نمازين سان ڀريل هئي ئي طرف اسرائيلي فوج اردن جي فيلڊ اسپتال کي به نه ڇڏيو. بمباري سبب فيلڊ اسپتال جا 7 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج هڪ دفعو ٻيهر غزه جي الشفا اسپتال ۾ داخل ٿي وئي. اسپتال جي ڪجهه حصن کي تباهه ڪيو ويو آهي. بيسمنٽ سميت مختلف حسن ۾ تلاشي جي دوران نه يرغمالي مليا نه وري کين ڪنهن سرنگ جونشان هٿ لڳو اسرائيلي فوج طرفان الشفا اسپتال مان حماس جا هٿيار ۽ ورديون ملڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر اسرائيلي دعويٰ کي ڊاڪٽرن ۽ حماس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج جي اڪائونٽ تان شاهدي جي طور تي پوسٽ ڪيل الشفا اسپتال جي وڊيو به ڊيليٽ ڪئي وئي. ايڊيٽنگ ڪرڻ ۽ ڪجهه شيون لڪائڻ کان پوءِ ان کي ٻيهر نشر ڪرڻ سان اسرائيلي دعوائن تي شڪ وڌي ويا الجزيره موجب الشفا اسپتال مان رپورٽنگ ڪندڙ آمريڪي ٽي وي جي رپورٽر ۽ اسرائيلي دعوائن ۾ به تضاد سامهون آيا آهن جڏهن ته قطر غزه ۾ اسپتال تي حملي جي عالمي جاچ تي زور ڏيندي الشفا اسپتال جي اندر اسرائيل جي تازي ڪاروائي کي جنگي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي.