سنڌ جي قديم تهذيب موهن جو دڙو مان پراڻا سڪا مليا آهن

تفصيل موجب موهن جي دڙي جي قديم تهذيب جي آثارن مان ڪجهه قديم سڪا هٿ آيا آهن، جنهن بابت انتظاميه جو چوڻ آهي ته اهي سڪا آثار قديمه کي محفوظ رکڻ لاءِ بحالي واري ڪم دوران هڪ برتن مان مليا آهن آرڪيالاجي کاتي موجب دريافت ڪيل سڪا ٽامي جا آهن، جيڪي هڪ برتن ۾ هئا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته آثار قديمه واري ماڳ تي مرمت جو ڪم جاري آهي، جنهن دوران اهي نادر سڪا هٿ آيا ماهرن جو چوڻ آهي ته دريافت ڪيل سڪا 200 کان 500 صديون اڳ جي مهاتما ٻڌ جي دور جا ٿي سگهن ٿا.