انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

انٽربئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اڏام کي اڄ بريڪ لڳي وئي انٽربئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ 2 رپيا 14 پئسا سستو ٿيو، بعد ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽربئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 76 پئسا گهٽجي 287.38 رپين جو ٿي ويو آهي اوپن مارڪيٽ ۾ به اڄ ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، هڪ ڊالر 50 پئسا سستو ٿي 289 رپين جو ٿي ويو.