دفاع واري وزارت به فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي جوابدارن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي جڏهن ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جون ڪالعدم قرار ڏنل شقون بحال ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي دفاع واري وزارت پاران داخل ڪرايل انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ چيو ويو آهي ته اپيلن تي حتمي فيصلو اچڻ تائين پنج رڪني بينچ جي فيصلي تي عملدرآمد روڪيو وڃي گذريل ڏينهن سنڌ جي نگران سرڪار ۽ شهدا فورم بلوچستان پاران به پنج رڪني بينچ جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪرايون ويون هيون.