ڪراچي،باهيون، ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ جو ڪيس، تحريڪ انصاف اڳواڻ علي زيدي ۽ خرم شير زمان سميت 15 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو

ڪراچي، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ علي زيدي ۽ خرم شير زمان سميت 15 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي وئي ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت(اي ٽي سي) ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف 2 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي
تحريڪ انصاف اڳواڻ علي زيدي، خرم شير زمان، جمال صديقي، ارسلان تاج، فردوس شميم نقوي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا پوليس اختيارين عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته جوابدارن تي باهيون ڏيڻ، پوليس مقابلو، قتل جي ارادن سميت ٻيا الزام آهن ۽ جوابدارن خلاف سولجر بازار ۽ فيروز آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهن عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان ۽ جمال صديقي سميت 15 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي جوابدار ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو