نئون ڪوٽ ڀرسان روڊ حادثو: ٽرالر کي باهه لڳڻ سبب 2 ڄڻا سڙي فوت

نئون ڪوٽ ڀرسان ٽرالر کي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻہ ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن. نئون ڪوٽ ڀرسان ڏيپلو روڊ تي خطرناڪ روڊ حادثو پيش آيو آهي، ڏيپلو کان ميرپورخاص رولر کڻي ويندڙ ٽرالر سان ڳوٺ پڌريو سومرا وٽ حادثو پيش آيو، حادثي سبب ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن کي فورن باھ وڪوڙي وئي باھ لڳڻ سبب ٽرالر ڊرائيور رجب علي ڪورائي ۽ رولر ڊرائيور شڪيل احمد ڪالرو سڙي فوت ٿي ويا سڙي فوت ٿيل 35 ورهين جي نوجوان رجب علي ڪورائي جو تعلق حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي، کيس هڪ نياڻي جو اولاد هو. جڏهن ته 33 ورهين جي رولر ڊرائيور شڪيل احمد ڪالرو جو تعلق ٽنڊو الهيار جي ڳوٺ وسايو ڪالرو سان ٻڌايو پيو وڃي، نوجوان کي چئن ٻارن جو اولاد هو جنهن ۾ هڪ نياڻي شامل آهي ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ٽرالر ۽ رولر اين اين ڪي ڪمپني جي ٺيڪيدار نور نواز خان پٺاڻ جا هئا جيڪي ڏيپلو کان ميرپورخاص کڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو حادثي بعد اين اين ڪي ڪمپني جو مالڪ نور نواز خان پٺاڻ واقعي واري هنڌ پهچي مشينري جي مدد سان ٽرالر کي سڌو ڪيو، جنهن مان سڙي فوت ٿي ويلن جي جسم جا ڪجهه حصا مليا آهن. واقعي بعد نوجوانن جا وارث به حادثي واري هنڌ پهچي ويا.