احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ نيب کي نوازشريف جو 30 نومبر تائين بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي توشه خانه گاڏين جي ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ جج محمد بشير جي آڏو وڪيل قاضي مصباح ايڊووڪيٽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نوازشريف جو جاچ دوران بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو آهي وڪيل قاضي مصباح ايڊووڪيٽ استدعا ڪئي ته عدالت نيب کي نوازشريف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪري اسان چاهيون ٿا ته نوازشريف جو موقف نيب رڪارڊ ڪري. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته درخواست پڙهڻ جو وقت ڏنو وڃي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ان ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، نوازشريف کي گهرائي بيان رڪارڊ ڪري وٺو. وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان کي سوالنامو ڏئي ڇڏيو. اسان بيان ڏئي ٿا ڇڏيون، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر بيان رڪارڊ ڪرائي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي جنهن کان پوءِ عدالت توشه خانه گاڏين جي ڪيس ۾ نوازشريف جو بيان قلمبند ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي نيب کي 30 نومبر تائين بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.