جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پنهنجي خلاف ريفرنس جي معاملي تي سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل آئيني درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجي خلاف شروع ڪيل مهم عدليه جي آزادي تي حملو آهي سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪونسل منهنجا اعتراض ڏسڻ کان سواءِ ٻئي ڪارروائي جي لاءِ نوٽيس اماڻي ڇڏيو. ڪونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري منهنجي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي. منهنجي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي جسٽس مظاهر نقوي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ ۽ سپريم جوڊيشل ڪونسل جو ايندڙ ڪارروائي لاءِ مليل نوٽيس به غيرقانوني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وفاق، صدر عارف علوي ۽ سپريم جوڊيشل ڪونسل کي ڌر بنايو ويو آهي.