پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهي ٿو، خوش آهيان ته پاڪ فضائيه جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي آهي: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان امن جو حامي آهي، پاڙيسري ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهيون ٿا. پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۾ پاڪ فضائيه جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، نگران وزيراعظم تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ پاسنگ آئوٽ ڪيڊٽس کي مبارڪباد ڏني پاس آئوٽ ٿيندڙن ۾ 148 جي ڊي پائلٽس، 94 انجنيئرنگ ڪورس ڪيڊٽ، 104 ايئر ڊفينس ڪيڊٽ، 130 ڪمبيٽ سپورٽ ڪورس ڪيڊٽ پڻ شامل هئاان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، گريجوئيشن پريڊ جو معائنو ڪندي بيحد خوشي ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، اها سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان ايئر فورس جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي آهي، آءِ ٽي جي تبديلين سان سيڪيورٽي جو ماحول تبديل ٿي ويو آهي، اسان کي پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجي سان ٺهڪائڻو پوندو نگران وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته توهان پنهنجي تربيت جي بنياد تي چيلينجز تي قابو پائيندا، پاڪستان جي هٿياربند فوج اندروني ۽ بيروني چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، هٿياربند فوج جون خدمتون ناقابل فراموش آهن، ان کانسواءِ مسئلن جو حل ناهي. ڪشمير مسئلو خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي.