ڪراچي، پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي 2 معصوم ڀائر بازياب

ڪراچي، ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي 2 معصوم ڀائرن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي پوليس ۽ رينجرز شاهه لطيف ٽائون ۾ واقع دائود شورو ڳوٺ ۾ گڏيل طور تي گهر مٿان ڇاپو هڻي شاهه فيصل ڪالوني مان اغوا ڪيل 2 ڀائرن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ڪارروائي دوران 4 جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ڪيل جوابدارن جمعي جي شام 3 ورهين جي محمد روهان ۽ 8 ورهين جي محمد رحيم کي ٽيوشن سينٽر تي ويندي اغوا ڪيو هو ۽ والدين کان 5 ڪروڙ روپيه تاوان طلب ڪيو هو ڇنڇر جي صبح پوليس ۽ رينجرز انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد ۽ جديد ٽيڪنيڪي ذريعا استعمال ڪندي شاهه لطيف ٽائون جي علائقي ۾ واقع چوڪنڊي قبرستان جي ويجهو واقع دائود شورو ڳوٺ ۾ گهر تي ڇاپو هڻي ٻنهي مغوي ٻارن کي حفاظت سان بازياب ڪرائي ورتو

پنھنجي راءِ لکو