ايس ايڇ او شهدادپور جي پوليس وردي پاتل ٽڪ ٽاڪر عورت سان وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

شهدادپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ديدار سولنگي جي پوليس وردي پاتل ٽڪ ٽاڪر عورت سان گاڏي ۾ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. جاري ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايس ايڇ او شهدادپور پوليس جي وردي پاتل عورت ٽڪ ٽاڪر کي گاڏي ۾ گهمائي رهيو آهي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي سانگهڙ صدام حسين خاصخيلي نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او شهدادپور ديدار سولنگي کي فوري طور تي سسپينڊ ڪري پوليس لائين اماڻي ڇڏيو سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل وڊيو ۾ ايس ايڇ او شھدادپور ديدار سولنگي پوليس جي وردي ۾ ھڪ نوجوان عورت کي پوليس جي وردي پارائي کيس گاڏي ۾ گهمائي رهيو آهي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن پوليس مٿان ڇتي تنقيد ڪئي آهي. سوشل ميڊيا جي واهپيدارن پاران چيو ويو آهي ته شهدادپور شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن پوليس وارا چورن ۽ ڦورن کي پڪڙڻ بجاءِ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ ۾ مصروف آهن.