اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ يرغمالين جي آزادي تي معاهدو ٿي ويو، جنگ ۾ وقفي تي اتفاق

قطر اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي ۾ عارضي وقفي جو اعلان ڪندي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي قطر جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگ ۾ وقفو ڪيو ويندو. جنگ ۾ وقفي جي شروعات 24 ڪلاڪن اندر ٿيندي. قطر جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته معاهدي جي تحت ڪيترن ئي فلسطيني ۽ اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو اسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چئن ڏينهن جي جنگبندي معاهدي تحت فلسطيني ۽ اسرائيلي قيدين جي ڏي وٺ ٿيندي. معاهدي جي تحت حماس پنهنجي پهرين مرحلي ۾ تقريبن 50 اسرائيلي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪندو جنهن جي بدلي ۾ اسرائيلي تقريبن 150 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو جنهن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ نابالغ ٻارن جو آهي معاهدي تحت اسرائيل طرفان مصر مان روزاني 300 امدادي ٽرڪن کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ جنگ دوڪڻ جي دوران وڌيڪ تيل غزه ۾ داخل ڪرڻ شامل آهي عرب ميڊيا موجب معاهدي جي ٻئي مرحلي ۾ حماس ڪيترن ڏينهن تائين جنگبندي ۾ واڌ جي بدلي ڪيترن ئي اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪري سگهي ٿو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ 4 ڏينهن جي وقفي تي اتفاق جو معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت فلسطيني مزاحمت گروپ 7 آڪٽوبر کان يرغمال بڻايل ماڻهن کي آزاد ڪندو. جنهن ۾ 50 عورتون ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو اڄ صبح اسرائيل جنگ ۾ وقفي جي منظوري ڏني هئي، ڪابينه جي اجلاس ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو معاهدو ڏکيو پر صحيح آهي. اسرائيلي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ حماس جي قيد ۾ موجود 50 ماڻهن جي آزاد ڪرڻ جي بدلي فلسطيني قيدين کي آزاد ۽ جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اسرائيل جنگبندي جي خاتمي جي فورن بعد غزه ۾ حماس خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ڪابينه اجلاس ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن جي مدد سان عارضي جنگبندي ۽ حماس وٽ قيد يرغمالين کي آزاد ۽ عارضي جنگبندي جي معاهدي تي پهتو آهيان پر اسرائيل پنهنجو مشن جاري رکندو ان ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي. ياد رهي ته ان کان اڳ حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه طرفان به جنگبندي معاهدي جي ويجهو پهچڻ جو اشارو ڏنو ويو هو.