اسان جي اتحاد جو مقصد ڪرپشن خلاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجڻ آهي، سنڌ ۾ پنهنجو وڏو وزير آڻينداسين: نهال هاشمي

ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو آهي ته هو سنڌ ۾ پنهنجو وڏو وزير آڻيندو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي امين الحق، حسن صابر ۽ مسلم ليگ ن جي نهال هاشمي، علي اڪبر گجر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بعد ۾ مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو ته امين الحق جي اڳواڻي ۾ وفد جو استقبال آهي، اڄ اسان سان مختلف رخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪراچي ۽ سنڌ جي صورتحال به آهي. معاملي جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان پنهنجا پنهنجا لفظ هڪ ٻئي جي سامهون رکيا آهن نهال هاشمي چيو ته اسان جي اتحاد جو مقصد ڪرپشن خلاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجڻ آهي. هن چيو ته اسان 18هين ترميم کي اڳتي وڌائينداسين ان موقعي تي امين الحق چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن سان سٺي مفاهمت آهي، گذريل هفتي اسان جي وفد نواز شريف سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته اسان کي سنڌ ۾ ڪيئن اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هو 8 فيبروري جي چونڊن ۾ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم ماضي ۾ به مسلم ليگ ن سان گڏ رهي آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ايندڙ وڏو وزير پنهنجي اتحادي کي بڻايو وڃي. امين الحق وڌيڪ چيو ته اڄ ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي، هو جمعي ڏينهن شام 4 وڳي بهادر آباد ۾ ملاقات ڪندا، محمد نواز شريف جي معاشي ويزن کي به سنڌ ۾ آندو ويندو، شهباز شريف کي تيز رفتاري سان آڻينداسين. سنڌ جي عوام کي