جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري

ذريعن موجب ڪائونسل چيو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي 14 ڏينهن ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏئي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران شاهدين جي روشني ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ڪائونسل ٽن ڏينهن تائين جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن ۽ سندس اعتراضن جو جائزو ورتو ذريعن موجب چار هڪ جي اڪثريت سان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق، جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس نعيم افغان پاران نوٽيس جي حمايت ڪئي وئي جسٽس اعجاز الاحسن شوڪاز نوٽيس جي مخالفت ڪئي، جسٽس مظاهر نقوي شوڪاز نوٽيس ۾ پنهنجي خلاف شڪايتن جا تفصيل درج هجڻ تي اعتراض واريو