بخشاپور ۽ ڀرپاسي واري ڳوٺن ۾ ارڙي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو وڌيڪ ھڪ 9 سالن جي نينگري فوت

تفصيل موجب بخشاپور جي ڳوٺ سونهارو خان بنگوار ۾ هڪ ئي گهر جا اٺ ٻارڙا ارڙي وبا سبب بيماري جي بستري تي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن
ساڳي ئي ڳوٺ سونهارو خان بنگوار ۾ هڪ ٻارڙي 9 ورهين جي آمنه ارڙي وگهي فوت ٿي وئي جڏهن ته اٺ ٻارڙا,فخر علي,عرفان علي,عابد علي,آصف علي,نينگري جنت,فاطما,ريشمان,۽ سون خاتون ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ڊي ايڇ او ڪشمور رڳو ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويٺو آهي اسپتال م ايندڙ دوائون وئڪيسن خبر نه آهي ته ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ٿو ڪجي ته نااهل ڊي ايڇ او ڪشمور خلاف قانوني ڪارروائي ڪري معصوم ٻارڙن جي زندگي بچائي انهن لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ورتا وڃن