پاڪستان برڪس بلاڪ 2024 ۾ شموليت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

پاڪستان برڪس بلاڪ 2024ع ۾ شموليت جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران پاڪستان جي درخواست جي تصديق ڪندي چيو ته روس ۽ چين رڪنيت حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندا ترجمان موجب، پاڪستان اهو فيصلو جوهانسبرگ ۾ برڪس بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو، اميد آهي ته برڪس طرفان اسان جي درخواست تي عمل ڪيو ويندو ٻئي پاسي روس ۾ پاڪستاني سفير محمد خالد جمالي چيو ته رڪنيت واري عمل دوران پاڪستان روس جي مدد تي اعتماد ڪري رهيو آهي برڪس برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا تي ٻڌل گروپ آهي جنهن ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ 13 ورهين کانپوءِ واڌ ڪئي وئي هئي.