ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 650 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 15 هزار 850 رپين جي ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 557 رپيا گهٽتائي کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 57 رپيا آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 6 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ هزار 996 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.