حيدرآباد پريس ڪلب جي وفد جي حيسڪو چيف سان ملاقات، بجلي جي بلن بابت شڪايتون

حيدرآباد پريس ڪلب جي وفد جي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي سي اِي او سان ملاقات، حيسڪو چيف انجنيئر بشير احمد چيو آهي ته اسان جو مقصد حيدرآباد ريجن کي لوڊشيڊنگ فري بڻائڻ آهي، جنهن لاءِ عوام ۽ ميڊيا جي ساٿ جي ضرورت آهي حيسڪو چيف انجنيئر بشير احمد سان حيدرآباد پريس ڪلب جي وفد، صدر لالا رحمان سمون، سيڪريٽري حميد الرحمان، گورننگ باڊي جي ميمبر علي حسن، خالد کوکر ۽ ساجد خانزادي ملاقات ڪري شهرين توڙي صحافين سان بجلي بلن تي ٿيندر ناانصافين ۽ لوڊشيڊنگ جي شڪايت ڪئي ملاقات دوران حيسڪو چيف انجنيئر بشير احمد چيو ته اسان مقصد حيدرآباد شهر سميت حيسڪو ڊويزن کي لوڊشيڊنگ فري بڻائڻ آهي، انڪري بجلي چورن خلاف ڪارروايون تيز ڪيو ويون آهن هن چيو ته صحافين توڙي شهرين جي شڪايتون مليون آهن ته بجلي جي بلن هيراڦيري ٿي رهي آهي، جنهن تي جلد ڪارروائي ڪري اها شڪايت ختم ڪئي ويندي، شهرين کي بنا لوڊشيڊنگ جي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ اسان جون ٽيم ڪم ڪري رهيون آهن.