شرعي عدالت پاران وياج جي خاتمي جو فيصلو، حڪومت خلاف اپيل واپس

اسلام آباد، وفاقي سرڪار شرعي عدالت طرفان وياج جي خاتمي واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي حڪومت طرفان اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ متفرق درخواست داخل ڪندي چيوته وفاقي شرعي عدالت خلاف اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي، اپيل واپس وٺڻ واري متفرق درخواست منظور ڪئي وڃي واضح رهي ته شرعي ڪورٽ وياج واري نظام جي خاتمي جو حڪم ڏنو هو پر اسٽيٽ بئنڪ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي

پنھنجي راءِ لکو