پاڪ فوج 2 رٽائرڊ آفيسرن عادل فاروق راجا ۽ حيدر رضا مهدي کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي سزا ٻڌائي ڇڏي آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي سزا ٻڌائي وئي. ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن جو پاڪستان آرمي ايڪٽ جي تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي. عدالت 7 ۽ 9 آڪٽوبر 2023 تي ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن کي ڏوهاري قرار ڏنو آءِ ايس پي آر موجب ميجر(ر) عادل فاروق راجا کي سخت پورهئي سان 14 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن ته ڪيپٽن(ر) حيدر رضا مهدي کي سخت پورهئي سان 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر موجب سزا جي تحت 21 نومبر 2023 تي ٻنهي(ر) آفيسرن جا رينڪ ضبط ڪيا ويا آهن ياد رهي ته سزا ماڻينندڙ پاڪ فوج جا ٻئي(ر) آفيسر پنهنجي سوشل ميڊيا بيانن ۽ وي لاگر ۾ پاڪ آرمي ۽ اعليٰ آفيسرن جي خلاف انتهائي نازيبا زبان استعمال ڪندا هئا.