ڪنڌڪوٽ سال 2024 جي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ مبينا پيپر آئوٽ ٿيڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شاگردن جو پريس ڪلب اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ سال 2024 جي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ مبينا پيپر آئوٽ ٿيڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شاگردن جو پريس ڪلب آڏو غلام مصطفي ميراڻي عبدالغني بجاراڻي دلمراد ڏاھاڻي عبدالله مغل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڳ به ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيو جنھن جا ثبوت ڪورٽ کي مليا آھن ان بعد ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ کي رد ڪري ٻيھر ٽيسٽ ورتي وئي ھن ڀيري به ميرٽ جي لتاڙ ڪندي غريب شاگردن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ڪرپشن ذريعي پيپر آئوٽ ڪيو ويو آھي پيپر آئوٽ ٿيڻ سان غريب ھوشيار شاگرد ٽيسٽ ۾ پاس نه ٿي سگھيا پيسن ذريعي پيپر وٺي مالدار شاگردن کي ميرٽ جي لتاڙ ڪري پاس ڪيا ويا جيڪي پيسا ڀري ڊاڪٽر ٿيندا اھي ايندڙ نسلن لاءِ ڊاڪٽرن بدران ڪاسائي ثابت ٿيندا جنھن ڪري عوام جو نقصان ٿيندو آئوٽ ٿيڻ واري پيپر جو نتيجو روڪي ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر غير جانبدار ٽيم ذريعي ٽيسٽ ورتي وڃي