سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا اولهندي هوائن جي سسٽم جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي اثر برقرار آهي. ڪراچي ۾ اڄ شام ۽ رات جو تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ وسڪاري کان پوءِ سيءَ وڌي ويو. ملير، گلشن اقبال، صدر ڪلفٽن، ڊفينس، محمود آباد، نارٿ ناظم، فيڊرل بي ايريا ۽ رات دير سان پيل برسات کان پوءِ مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو. جڏهن ته بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي ڇاڇرو جي ڳوٺ وائوڙي دورا ۾ وڄ ڪرڻ سبب سليمان نهڙي ۽ سندس پٽ رمضان فوت ٿي ويا. 10 ورهين جي ڪلثوم سخت زخمي ٿي پئي. عمرڪوٽ جي مجنو جي ڍاٽي ۾ وڄ ڪرڻ سبب 80 ورهين جي صفوران سميجو فوت ٿي وئي. ڇاڇري جي ڳوٺ مانبائي جو تڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٻني ۾ ڪم ڪندڙ عورت تلسي زال سروڻ، همٿو ۽ ڪيسو زال سترام زخمي ٿي پيا ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويرا واهه ۾ وڄ ڪرڻ سبب 30 رڍون، ٻڪريون ۽ ڇاڇرو جي ڳوٺ ريشم جو تڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب 7 ٻڪريون مري ويون ميرواهه گورچاڻي ۾ صبح سوير تيز هوا سان سياري جي برسات پوڻ سبب سيءَ ۾ واڌ ٿي وئي. سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به سياري جو پهريون وسڪارو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو. ٿڌ ۾ واڌ سبب ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ڪارنهوار سخت متاثر ٿي ويو. برسات سبب تازو پوکيل ڪڻڪ، توريون ۽ مختلف ڀاڄين جي فصلن کي نقصان ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي شهدادپور شهر ۾ به ٿڏڙين هوائن سان سياري جي پهرين برسات جو وسڪارو پرهه ڦٽيءَ کان وقفي وقفي سان جاري آهي. برسات پوڻ سان ئي بجلي غائب ٿي وئي. سياري جي برسات پوڻ کان پوءِ سيءَ ۾ واڌ اچي وئي. شهري توڙي ڳوڻا گھرن تائين محدود ٿي ويا ميرپورساڪرو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات پئي جنهن سبب سيءَ ۾ اضافو ٿي ويو. برسات سبب بجلي جو نظام مڪمل طور تي درهم برهم ٿي ويو. بلڙي شاهه ڪريم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڪپور موري، نائون ميل، سعيد خان لنڊ، ستر موري ۾ رات کان وٺي هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ سيءَ ۾ واڌ ٿي وئي. اڪثر روڊ رستا ويران نظر اچڻ لڳا عام ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.