حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ 11 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي

حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات کان پوءِ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو گذريل رات 2 وڳي برسات شروع ٿيندي ئي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي هئي جڏهن ته 11 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود مختلف علائقن ۾ بجلي اڃان تائين بحال نه ٿي سگهي آهي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(حيسڪو) ترجمان موجب حيدرآباد ضلعي جي 131 فيڊرز مان 91 فيڊرز هن وقت به بند آهن. 40 فيڊرز تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي ترجمان ٻڌايو ته ڪليئرنس ملڻ تي ٻيا فيڊر به بحال ڪيا ويندا. حيسڪو ريجن جي 14 ضلعن ۾ ٽوٽل 603 فيڊرز آهن جن مان حيڪسو ريجن جي مختلف ضلعن ۾ برسات سبب 286 فيڊرز تي بجلي بند آهي. حيسڪو ترجمان موجب سانگهڙ، نوابشاهه، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر جي ضلعن ۾ به برسات سبب فيڊرز بند آهن.