ڪراچي ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري رانديڪا وڪرو ڪندڙ اٺن سالن جي معصوم ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي پوليس موجب واقعو رات دير سان پيش آيو جوابدار فائرنگ ڪري معصوم ٻار کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندس لاش کي نجي اسپتال ويجهو ڪچري جي ڍير تي اڇلي فرار ٿي ويو اختيارين موجب مقتول جو ڀاءُ واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي مقتول اٺن سالن جو معصوم ٻارڙو عمر ڀيڻ ڀائرن مان ٻئي نمبر تي هو جيڪو رانديڪا وڪرو ڪندو هو، عمر جي والده موجب منهنجو مڙس رڪشو هلائيندو آهي، اسان جو اباڻو تعلق ڊيره بگٽي سان آهي عمر جا گهر ڀاتي ٻوڏ سبب متاثر ٿي بلوچستان مان ڪراچي آيا هئا. سندس پيءُ رڪشو هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهي واقعي تي بگٽي قبيلي جي سردار يار محمد رند اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ فاسٽ فوڊ شاپ جو سيڪيورٽي گارڊ آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
