پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي چيف آرگنائيزر، پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري محمد سرور هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي چوڌري سرور مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت لاءِ به ڳالهيون ڪيون پر نوازشريف انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته 2014 ۾ عمران خان ۽ قادري جي ناڪام ڌرڻي وقت چوڌري سرور(ن) ليگ کي ڇڏي ويو هو چوڌري محمد سرور هلندڙ سال مارچ ۾(ق) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ کيس پارٽي جو چيف آرگنائيزر بنايو ويو هو پر هو گذريل ڪيترن مهينن کان اسڪاٽ لينڊ ۾ ترسيل هو. هن مسلم ليگ(ق) جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه دلچسپي نه ورتي هئي ٻن ڀروسي جوڳن ذريعن ٻڌايو ته گذريل ٻن هفتن کان چوڌري سرور اسڪاٽ لينڊ کان سڌو سنئون پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطا ڪري رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ ۾ واپسي جي طريقن تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي هڪ سينئر اڳواڻ چيو ته چوڌري سرور پارٽي اڳواڻن سان رابطا ڪري ٻيهر شموليت جي آڇ ڪئي هئي پر پارٽي طرفان اڃان تائين کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ويو آهي چوڌري سرور کي ٻيهر پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي اجازت ڏيندڙ عمران خان آهي پر انهي به چٽو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته هو اهڙن اڳواڻن کي معاف نه ڪندو ۽ نه وري کين وساريندو جنهن مشڪل وقت ۾ مون کي مايوس ڪيو. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي خلاف لابنگ ڪندڙ قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته چوڌري سرور ٻيهر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿي پر سندس خاندان جي ماڻهن فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي بيهڻ چاهيو ٿي. مسلم ليگ(ن) جي صفن ۾ ڪابه سيٽ خالي نه آهي ۽ نه وري ڪو ٻيو آپشن آهي ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته اسڪائش ليبر اڳواڻ سرور جي پٽ، انس جو به گلاسگو ۾ اليڪشن ٿيڻ واري آهي ۽ مقامي تڪ ۾ پاڪستاني ووٽن جو تعداد وڏو آهي پر جڏهن چوڌري سرور کان ٻيهر پي ٽي آءِ ۾ ٻيهر شموليت جي ڪوششن جي باري ۾ پڇيو ويو ته ان انهي جي ترديد نه ڪئي چوڌري سرور چيو ته سمورا آپشن دستياب آهن. مختلف معاملن تي ڳالهيون جاري آهن اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو نه ڪيو آهي جلد ئي حتمي فيصلو ڪندس هڪ ٻئي باخبر ذريعي ٻڌايو ته اڃان تائين پي ٽي آءِ ان آڇ ۾ ڪابه دلچسپي ظاهر نه ڪئي آهي. پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ کي جن حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ان تي غور ڪرڻ جو وقت نه آهي. هلندڙ سال مارچ ۾ چوڌري سرور مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي موجودگي ۾ (ق) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. ڊسمبر 2021 ۾ چوڌري سرور اهو چئي عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ حڪومت سڀ ڪجهه انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ(آءِ ايم ايف) جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.