حيدرآباد:(پ ر)گورنمنٽ اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول واري معاملي تي چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد عمير مولابخش چانڊيو وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد جو حصو آهي، ميونسپل اسڪول کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٽائون حسين آباد نئون آهي، آفيسن جي کوٽ آهي، اسڪول ۾ ڪجهه ڪمرا بند پيل هئا، جيڪي کولرائي ڪجهه سيڪشن اتي شفٽ ڪيا آهن عمير مولا بخش چانڊيو چيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد جو مک دفتر لطيف آباد چار نمبر ۾ ٺاهيو آهي، جتي چار کان ڇهن ڪمرن تي ملازمن جو قبضو آهي، جنهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون، جيئن قبضا ختم ٿيندا، تيئن ئي اسڪول جا ڪمرا خالي ڪيا ويندا عمير مولا بخش چانڊيو وضاحتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه تعليم جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، تعليم جي ميدان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو به ثاني نه ٿو ملي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته حسين آباد ٽائون جي اسڪولن کي بهتر بڻائي سگهون.