69

يوٽيليٽي اسٽورن تي شيون عام دڪانن کان به مهانگيون

يوٽيليٽي اسٽورن تي شيون عام مارڪيٽ کان به مهانگيون کپڻ لڳيون سرڪاري دستاويز موجب يوٽيليٽي اسٽورن تي عام صارفين لاءِ في ڪلو کنڊ جي قيمت 155 رپيا آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 136 رپيا 90 پئسا آهي اهڙي ريت چڻن جي دال يوٽيليٽي اسٽورن تي اوپن مارڪيٽ کان 21 رپيا 42 پئسا في ڪلو مهانگي آهي، جڏهن ته چڻن جي دال 253 رپين ۾ في ڪلو ملي رهي آهي، جيڪا اوپن مارڪيٽ ۾ 230 رپيا 58 پئسا آهي يوٽيليٽي اسٽورن تي اڇا چڻا اوپن مارڪيٽ کان 16 رپيا 71 پئسا في ڪلو مهانگا آهن، اهي يوٽيليٽي اسٽورن تي 405 رپين ۾ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 388 رپين 29 پئسن ۾ ملي رهيا آهن يوٽيليٽي اسٽورن تي سيلي چانور جي في ڪلو قيمت 370 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 316 رپيا 47 پئسا آهي، ٽوٽا چانور اوپن مارڪيٽ کان 3 رپيا 80 پئسا مهانگا آهن، يوٽيليٽي اسٽورن تي ٽوٽا چانورن جي في ڪلو قيمت 230 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 226 رپيا 30 پئسا آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو