مسلم ليگ(ن) ايندڙ چونڊن لاءِ 35 رڪني مرڪزي پارلياماني بورڊ جوڙي ڇڏيو

مسلم ليگ(ن) ايندڙ چونڊن جي لاءِ 35 رڪني مرڪزي پارلياماني بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف مرڪزي پارلياماني بورڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ نوازشريف جي منظوري تي چيئرمين سينٽرل اليڪشن سيل اسحاق ڊار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي مرڪزي پارلياماني بورڊ ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ مريم نواز سميت سڄي ملڪ مان ميمبر شامل ڪيا ويا آهن (ن) ليگ جو مرڪزي پارلياماني بورڊ چونڊن ۾ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪندو.