اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود خصوصي عدالت طرفان سائفر ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر هلائڻ جو فيصلو

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٻڌڻي جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي رپورٽ جي روشني ۾ ٻڌڻي جيل ۾ ٿيندي جنهن جي اوپڻ ٻڌڻي ڪئي ويندي اسلام آباد جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن ۽ ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽرز عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته عمران خان جون ڀينرون ۽ شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ به عدالت ۾ پيش ٿيون.. عدالتي حڪم جي باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش نه ڪيو ويو جيل اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٻنهي جوابدارن کي پيش نٿو ڪري سگهجي اسلام آباد پوليس کي اضافي سيڪيورٽي جي لاءِ خط لکيو هو پي ٽي آءِ چيئرمين کي سنجيده نوعيت جا سيڪيورٽي خدشا آهن عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪرڻ جيل اختيارين جي ذميواري آهي اسان جان تي کيڏي عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهيون. ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ محفوظ نه آهي يا رستي ۾ ڪو خطرو آهي ته ٻڌائي ڇڏيو؟ جوڊيشل ڪمپليڪس کي مڪمل طور تي بند ڪري به آڻي سگهجي ٿو. هن عدالت ۾ ڪنهن مان خطرو آهي؟ هتي موجود گهر ڀاتين کان خطرو آهي؟ يا قانون جي رکوالي ڪندڙ وڪيلن مان خطرو آهي؟ اوهان جي ڳالهه نه پيا مڃون يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه نه پيا مڃون؟ ته ڇا پوءِ اسان سپريم ڪورٽ وڃون ايڊووڪيٽ سلمان صفدر چيو ته اسان چوندا رهيا آهيون ته هن وقت اڳيان نه وڌو طئي ٿيڻ ڏيو ته هن ڪيس کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي. ڪڏهن به ڪو ڪيس ايترو تڪڙو هليو؟ هن ڪيس کي اسان پنجن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ نڪتل هئاسين. شاهه محمود جي وڪيل علي بخاري چيو ته هي اوپن ٽرائل آهي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي جيڪڏهن عدالتي حڪم نٿا مڃا وڃن ته سرڪاري ملازم کي جيل ۾ اماڻڻ جو اختيار اوهان وٽ آهي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر اوپن ٽرائل جي مخالفت ڪندي چيو ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي جيل ۾ ٽرائيل ڪري سگهجي ٿو. عدالت ۾ جيل اختيارين دستاويزي شاهدين سان ٻڌايو ته سيڪيورٽي خدشن جي آڌار تي پيش نٿا ڪري سگهون. عليمه خان چيو ته پيءُ سان پٽن جي ڳالهه ٻولهه نه پئي ڪرائي وڃي جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته جيل اختياريون چون ٿيون ته ايس او پيز ۾ پرڏيهي ملڪن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي اجازت نه آهي. عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کان پرڏيهه بابت جيل ايس او پيز طلب ڪري ورتا عدالت ڌرين جي دليلن کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٽرائيل جيل ۾ ئي ٿيندو. ميڊيا کي به جيل ٽرائيل جي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت هوندي جيڪو به ٽرائل ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو ان کي به اجازت هوندي عدالت هدايت ڪئي ته سائفر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي جمعي تي جيل ۾ ٿيندي. عوام ۽ ميڊيا کي ايندڙ ٻڌڻي دوران جيل ۾ موجودگي جي اجازت هوندي جيل اٿارٽيز ايندڙ سمورن ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪندي جيڪي ٻڌڻي ۾ اچڻ چاهين ٿا.