مدئجي ڀرسان خروس ۽ ناريجا تڪرار تان فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

مدئجي جي ڪچي جي علائقي تاجوديرو ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ خروس-ناريجا تڪرار تان ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ٿي آهي ڌرين ۾ فائرنگ سبب ناريجا ڌر جو هڪ ڄڻو رجب ولد هادن ناريجو مارجي ويو آھي مارجي ويل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اطلاع ملڻ بعد سب ڊويزن تاجوديرو جي پوليس نفري واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آھي جڏھن ته فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آھي ۽ ڌريون مورچا بنڌ بڻيل آھن هلندڙ فائرنگ سبب وڌيڪ خونريزي جو پڻ خدشو ظاهر ڪيو ويو آھي. ياد رهي ته ٻنهي ڌرين جا هن وقت تائين 7 ڄڻا مارجي ويا آهن. علائقي ۾ فائرنگ سبب ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.