نئون ديرو، ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو،

نئون ديرو، نئون ديرو لڳ ڦلپوٽا ڳوٺ ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري پورهيت کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. فائرنگ سبب 50 ورهين جو محرم ڦلپوٽو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتول جو لاش نئون ديرو اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو مقتول جي وارثن موجب معمولي ڳالهه تان جوابدار راجا ڦلپوٽو منهن ماري بعد هٿياربندن سميت گهر ۾ گهڙي محرم ڦلپوٽو کي قتل ڪيو. اسان جي نوجوان کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي. جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول محرم گهر ۾ چانهه پي رهيو هو ته هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ان حوالي سان پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مقتول ۽ جوابدار پاڻ ۾ پڦاٽ ماروٽ آهن جن جي گهر ۾ معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي راجا ڦلپوٽو هٿياربندن سان گڏجي محرم جي گهر تي حملو ڪري کيس قتل ڪيو آهي پوليس موجب قاتل راجا جي ڀاءُ حاڪم ڦلپوٽو کي گرفتار ڪيو آهي جلد باقي جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول محرم ڪاٺيون وڪرو ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو هيو جيڪو مزدوري تي وڃڻ لاءِ چانهه پي رهيو هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

پنھنجي راءِ لکو