ميلبورن، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل ڪجهه دير ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ميچ پاڪستاني وقت موجب ڏينهن جو هڪ وڳي(جڏهن ته آسٽريليا جي مقامي وقت موجب شام 7 وڳي) کيڏيو ويندو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب آءِ سي سي فائنل ميچ کي نتيجا ڏيندڙ بنائڻ لاءِ قانون ۾ پڻ تبديلي ڪري ڇڏي آهي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب اسان جي پهرين ترجيح ميچ کي شيڊول واري ڏينهن تي ئي مڪمل ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ميچ برسات سبب مڪمل نه ٿي سگهيو ته پوءِ سومر تي مقامي وقت موجب ٻنپهرن جو 3 وڳي(پاڪستاني وقت موجب صبح 9 وڳي) رهيل راند ٻيهر شروع ٿيندي.
آءِ سي سي موجب ريزرو ڊي تي اضافي وقت جو ٽائيم 2 ڪلاڪ مان وڌائي 4 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ميچ جو ٽاس به مقرر وقت کان 8 منٽ اڳ ۾ ٿيندو پاڪستاني ٽيم 1992 جي تاريخ ٻيهر ورجائڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم به ميچ کٽڻ لاءِ پرعزم نظر اچي رهي آهي. سموري دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني دعا ڪري رهيا آهن ته اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان سوڀ ماڻي هوڏانهن موسميات کاتي پاران ڪيل اڳڪٿي موجب آچر جي ڏينهن برسات پئي ۽ ميچ نه ٿيو ته سومر تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 10 اوورز جو ميچ کيڏيو ويندو جيڪڏهن سومر واري ڏينهن به فائنل نه ٿي سگهيو ته ٻنهي ٽيمن کي ٽي 20 جو فاتح قرار ڏنو ويندو ميلبرن جي روڊن تي ميچ کان اڳ جشن جو ماحول آهي. پاڪستانين جو جوش عروج تي پهچي ويو آهي پاڪستان کٽيندو جا نعرا روڊ تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن
