اوٻاوڙو:ڌاڙيلن هٿان عورت سميت 5 ڄڻا قتل، چار ڌاڙيل مارجي ويا، ٻه پوليس اهلڪار به شهيد

ڳوٺ حسين سولنگي ۾ ڪمند جي فصل ۾ لڪيل ڌاڙيلن حملو ڪري هڪ عورت سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولن ۾ واٽهڙو عورت حميدان سيلرو، پرويز سولنگي، شعبان سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن حملو ڪري عورت سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس مقابلي ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته مقابلي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا ڌاڙيلن جي حملي کان پوءِ پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا جن ۾ بدنام ڌاڙيل سلطو شر جو ڀاءُ عمر شر، ڌاڙيل ڪرم علي ڪوش ۽ ٻيا شامل آهن مقابلي دوران ڌاڙيل جديد هٿيارن جو استعمال ڪندا رهيا مقابلي دوران ٻه پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پياذريعن موجب ڪجهه مهينا اڳ کنڀڙا پوليس هٿان 4 ڌاڙيل مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا هئا جنهن جو پلاند وٺڻ ڌاڙيلن پاران اڄ حملو ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.