فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيا. پي آءِ اي ترجمان موجب پي آءِ اي ۽ ايف بي آر وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، قرضن جي ادائيگي جو شيڊول طئي ٿيڻ بعد اڪائونٽس بحال ڪيا وياجنهن بعد سڄي ملڪ ۾ قومي ايئر لائن جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. ترجمان موجب پي آءِ اي ۽ ايف بي آر جو ٽيڪس يونٽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهي واضح رهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو گذريل ڏينهن قومي ايئر لائن پي آءِ اي جا سمورا بئنڪ اڪائونٽس ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي منجمد ڪري ڇڏيا هئا. پي آءِ اي جي آڊٽ لاءِ يورپي سيفٽي ايجنسي IASA پاڪستان ۾ موجود آهي.