ڪنڌڪوٽ : غوثپور شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي انڙ واھ واري علائقي ۾ پنھنجي ڳوٺ کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ عبدالخالق ملڪ ڊسپينسر جيڪو بي.ايڇ .يو دڙي ڳوٺ ۾ ملازم آھي کان ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٽي اڻ ڄاتل ھٿياربندن کانئس پنجاسي ھزار روڪ رقم ، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري کي فرار ٿي ويا۔ ھٿياربندن سان مزاحمت ڪرڻ تي کيس پسٽل جا ڌڪ هڻي زخمي ڪرڻ بعد ڏوھاري ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا۔ متاثر نوجوان حد جي پوليس وٺي واقعي واري ھنڌ روانو ٿيو پر آخري اطلاعن موجب ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آھي