ڪراچي: آر جي مال سانحي جو اصل ذميوار ڪير؟ 3 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي

تفصيل موجب ڪراچي ۾ آر جي شاپنگ مال سانحي جي جاچ جاري آهي، جنهن ۾ ذميوارن جو تعين ڪيو پيو وڃي، رپورٽ مڪمل ٿيڻ تي جاچ مڪمل ڪئي ويندي، آر جي ۾ ڪال سينٽر مالڪن سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن مال باهه ڪيس، مال جي چوٿين فلور تي جوابدار عدنان ۽ عمران بغير اجازت ڪال سينٽر هلائي رهيا هئا، جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته بلڊر ذميوار آهي، متاثرن ۾ سندن مائٽ به شامل آهن پر پوليس ڪنٽونمينٽ کان عمارت جا دستاويز طلب ڪيا، گرفتار ڪيل ڪال سينٽر جي 5 ملازمن عابد شاهه، عمران، عدنان، سلطان ۽ فيضان کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، عدالت جوابدارن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آر جي شاپنگ مال ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.