مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجو سياسي قد وڌائڻ لاءِ ن ليگ جي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آهي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي نوازليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ لاءِ پارٽي جي اڳواڻن مٿان تنقيد ڪري رهيو آهي پر هو نوازشريف جو مقابلو نٿو ڪري سگهي هن چيو ته نوازشريف اڳ ئي ناممڪن کي ممڪن ڪيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جيڪو ڪيو ڀٽو جي دور ڪيو. اسان ڪنهن کي به سياسي طور تي نشانو نه بنائي رهيا آهيون پر نوازشريف سمورين پارٽين سان اختلافن جي باوجود هڪ ميز تي ويهاريو طلال چوڌري چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪوبه وفادار ساٿي ياد نه آيو، چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽن کي ڪير به نه مڃيندو.