غوثپور ڀرسان ٻن وينن ۾ زوردار ٽڪر، 5 مسافر اجل جو شڪار

غوثپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ بگن خان بجاراڻي ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن پوليس موجب غوثپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڪيڊٽ ڪاليج جي هنڌ تي روڊ حادثو پيش آيو جنهن دوران ٻن مسافر وينن ۾ زوردار ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فت ٿي ويا آهن. پوليس موجب حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويو ۽ حادثي واري هنڌ تان زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو فوت ٿي ويلن ۾ غوثپور واسي علي اڪبر اوڳاهي ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ امتياز محمداڻي، ظهير باجڪاڻي، سڪندر ملڪ، مرتضيٰ، سڪندر، عبدالرزاق، حميد کوو، سنديپ ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن.